شهيد مخدوم بلاول لائبرري

شهيد مخدوم بلاول لائبرري (دادو): سنڌ جي لاثاني ڪردار مخدوم بلاول جي ياد ۾ قائم هن لائبريري جو بنياد نامور محقق ۽ اديب محمد عرس اظهر سولنگيءَ 1984ع ۾ دادو شهر ۾ وڌو. هن لائبريريءَ ۾ سنڌي، اردو، انگريزي، عربي، فارسي ۽ سرائيڪي ٻولين ۾ ڪتابن جو وڏو ذخيرو موجود آهي، جن ۾ علمي، ادبي، تاريخي، اسلامي ۽ سائنسي ڪتاب شامل آهن. هيءَ لائبريري اظهر سولنگيءَ جي گهر جي هڪ ڪمري ۾ واقع آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو